وفاقي حڪومت ڪراچي واسين تي ٻيهر بجلي ڪيرائي ڇڏي، ڪي اليڪٽرڪ جو في يونٽ 9 رپيا 66 پئسا مهانگو ڪرڻ جي منظوري، نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمت ۾ اضافو مئي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو، نيپرا پاران انگن اکرن جو جو جائزو وٺڻ بعد تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويندو، نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي چيو آهي ته سستو فيول هئڻ باوجود ڪي اليڪٽرڪ پاران مهانگو فيول استعمال ڪرڻ ظلم آهي، ڪي اليڪٽرڪ پاران نيپرا کي في يونٽ 11 رپيا مهانگو ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، جنهن سان واهپيدارن تي 22 ارب 64 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو