نواز ليگ جو پرويز الاهي خلاف في الحال بي اعتمادي رٿ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو

0
908

لاهور: نواز ليگ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف في الحال بي اعتمادي رٿ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سعد رفيق، احسن اقبال، رانا ثناءُ الله، سالڪ حسين ۽ طارق بشير چيما شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي مستقبل بابت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ وڏي وزير پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي جي رٿ في الحال پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري سالڪ پرويز الاهي کي وڏو وزير برقرار رکڻ جي حق ۾ ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اجلاس کانپوءِ اسلام آباد روانو ٿي ويو، هاڻ هن مشاورت کانپوءِ هدايتون ڏنيون آهن ته پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here