عمران خان جيل ڀريو تحريڪ معطل ڪندي چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
113

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته آئين جي بالادستي سپريم ڪورٽ جي ذميواري هئي، عدالت پنهنجو ڪردار نڀايو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني جو اعلان آهي، عدالتي فيصلي کانپوءِ جيل ڀريو تحريڪ في الحال ختم ڪندي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪجي ٿو واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چونڊ نوٽيفڪيشن ڪيس ۾ ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here