سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت چونڊون 90ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
89

چيف جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، فيصلو 13 صفحن، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه جو اختلافي نوٽ 2 صفحن تي ٻڌل آهي

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ فيصلو ٻن جي مقابلي ۾ ٽن جي اڪثريت سان ڏنو. بينچ جي اڪثريت درخواستگذارن کي رليف فراهم ڪيو

چيف جسٽس عمر عطا بنديال فيصلي ۾ چيو آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي

سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو ته گورنر ڪي پي ڪي چونڊن جو اعلان نه ڪري ذميواري کان انحراف ڪيو، گورنر ڪي پي ڪي صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، صدر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ڪري پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري فيصلي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ايڪٽ گورنر ۽ صدر کي چونڊن جِي تاريخ جَي اعلان جو اختيار ڏي ٿو، اليڪشن ڪميشن فوري طور صدر کي چونڊن جِي تاريخ تجويز ڪري

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here