توشاخانا ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

0
88

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي چئن مختلف ڪيسن ۾ دهشتگردي ٽوڙ ۽ بيڪنگ عدالت سميت سيشن عدالت جي ٻن ڪيسن ۾ پيش ٿيڻو هو، جڏهن ته سندس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به پيشي هئي، جتي کيس هڪ ڪيس مان دهشتگردي جون شقون ختم ڪرائڻ بابت درخواست ۾ بايوميٽرڪ جي تصديق ڪرائڻي هئي
پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻي درخواست اقدام قتل ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ به داخل ڪيل آهي
عمران خان ٻن مختلف ڪيسن ۾ دهشتگردي ٽوڙ ۽ بينڪنگ عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن بعد ٻنهي عدالتن سندس ضمانتون منظور ڪري ورتيون، جڏهن ته اقدام قتل ۽ توشاخانا ريفرنس ۾ هُو ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سندس وڪيلن عدالت مان ضمانت جي درخواست به واپس وٺي ڇڏي
ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته سڪيورٽي خدشن سبب عمران خان پيش نه ٿو ٿي سگهي، وڌيڪ پنجن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي، جنهن تي ايڊيشنل سيشن جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪهڙو طريقو آهي؟ عمران خان يارنهن عدالتن ۾ پيش ٿي سگهي ٿو پر هن عدالت ۾ نه ؟ هتي فرد جرم لاڳو ٿيڻي آهي، کيس هيڏانهن اچڻ گهرجي، فرد جرم لاڳو ٿي وڃي ته پوءِ ڀلي هليو وڃي
بعد ۾ عدالت غيرحاضري سبب عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي
جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ دهشتگردي ٽوڙ ۽ بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو، جتان اقدام قتل ڪيس ۾ سندس عبوري ضمانت منظور ٿي وئي
عدالت 9 مارچ تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي عمران خان کي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو
عمران خان جي پيشي کان اڳ عدالت ۾ سڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي، پوليس هاءِ ڪورٽ جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا، وڪيلن کي به روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته عدالتي احاطي ۾ ميڊيا جي داخلي تي به پابندي مڙهي وئي
عمران خان  ڪيسن ۾ پيشي لاءِ وڏي هجوم سان گڏ جڊيشل ڪمپليڪس پهتو جتي هو عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪن سخت بدنطمي جو مظاهرو ڪندي جڊيشل ڪمپليڪس جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا،  پي ٽي آءِ ڪارڪن وڏي انگ ۾  سيڪيورٽي جون سموريون رنڊڪون هٽائي جڊيشل ڪمپليڪس اندر داخل ٿي ويا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here