وزيراعظم شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلن جي نون چونڊيل عهديدارن ملاقات ڪئي

0
72

وزيراعظم هائوس طرفان هڪ پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي ته وزيراعظم سان سڄي ملڪ جي بارڪونسلز جي نون چونڊيل عهديدارن ملاقات ڪئي

پڌرائي موجب وزيراعظم وڪيلن جي تحفظ واري قانون جي منظوري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ وڪيلن جي تحفظ واري قانون کي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو

وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري بابت وڪيل برادري سان مشاورت ڪئي ويندي

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جا نمائندا اپيل جي حق بابت بل جو مسودو پيش ڪن، حڪومت اپيل جي حق جو بل منظوري لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي شهباز شريف چيو ته وڪيلن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي، حڪومت بار جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي، گذريل حڪومت پنهنجي نااهلي سان ملڪ جي هر شعبي کي نقصان پهچايو، گذريل حڪومت ۾ قانون جي بالادستي لاءِ وڪيلن وڏي جدوجهد ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here