سائفر بابت خط به بشريٰ بي بي جي هدايت تي ڪڍيو ويو، بشريٰ بيبي ادارن خلاف مهم هلائڻ جي هدايت ڏيندي رهي، فرح گوگي ۽ بشريٰ بيبي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي، بزنس ٽرانزيڪشن بشريٰ بيبي ۽ فرح گوگي وچ ۾ ٿيندي رهي، عمران خان سياسي ڊرامو ڪري رهيو آهي، سندس ذهني حالت ڳڻتي جوڳي آهي، اڳوڻي وزير اعظم پنهنجي دور ۾ مخالفن تي سياسي ڪيس ٺاهيا، نيب ۽ ايف آءِ اي کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو ويو: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس، چيائين عمران خان ٻڌائي ته هو ڪيئن 4 سالن تائين سياسي انتقام وٺندو رهيو، عمران خان ٻڌائي ته شهباز شريف جي گرفتاري جو منصوبو ڪيئن جوڙيو ويو ۽ ايل اين جي سستي ڪرڻ جا معاهدا ڇو نه ڪيا ويا؟ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جي تباهي جو ذميوار عمران خان آهي، هُن هر اداري ۾ ڪرپشن ڪئي، هاڻي کيس ٻڌائڻو نه پر جواب ڏيڻو آهي، عوام کي ٻڌائي ته سندس اثاثن ۾ واڌ ڪيئن ٿي