نيب راولپنڊي عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي طلب ڪري ورتو

0
70

توشاخانا ڪيس جي جاچ واري معاملي ۾ نيب پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي طلب ڪري ورتو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 9 مارچ صبح جو نيب راولپنڊي ۾ طلب ڪيو ويو آهي

نوٽيس ۾ عمران خان کان توشاخانا مان ورتل تحفن بابت پڇيو ويو آهي ۽ تحفن ۾ شامل ڇهه روليڪس گهڙين جو سوال به پڇيو ويو آهي

نوٽيس ۾ قطري آرمي چيف طرفان ڏنل هڪ آءِ فون بابت سوال به شامل آهي

واضح رهي ته گذريل سال نيب توشاخانا ڪيس ۾ ڪارروائي جو اشارو ڏنو هو

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب توشاخانا ڪيس ۾ سمورن مرڪزي ڪردارن خلاف ڪارروائي ڪندو نيب ذريعن موجب، توشاخانا ڪيس ۾ عمران خان ۽ فرح گوگي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري ۽ ٻين خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here