پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز چيو آهي ته عمران خان سياسي محاذ تي آپگهاتي جيڪٽ پائي ڇڏي آهي آئين تي حملو ڪرڻ چاهي ٿو.فيصل آباد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي حمزه شهباز چيو ته عمران نيازي 4 سال ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ناهي ڪيو، سياسي ميدان ۾ عمران خان کي شڪست ڏينداسين.حمزه شهباز چيو ته عمران نيازي عوام جي کيسي تي ڌاڙو هنيو آهي، هاڻ سندس حساب جو وقت اچي ويو آهي.حمزه شهباز چيو ته گورنر پنجاب غير آئيني حرڪتن ۾ رڌل آهي، قانون ۾ آئين شڪني جي سزا واضح لکيل آهي