ذريعن موجب ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
ناڻي واري وزير صدر کي آءِ ايم ايف سان معاهدي سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني
اسحاق ڊار صدر کي ميثاق معيشت جي تجويز پيش ڪندي چيو ته ميثاق معيشٽ ملڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ ضروري آهي
سياسي حلقا ناڻي واري وزير جي ڪجهه تعطل کانپوءِ صدر علوي سان ملاقات کي غير معمولي قرار ڏنو آهي بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمران خان سان رابطو ڪيو ۽ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪئي