عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نوازليگ پاران جلسن جي شروعات جلد اليڪشن جي ڪڙي آهي، ٻن ووٽن جي اڪثريت سان قائم حڪومت 2 مهينن ۾ سياسي طور ختم ٿي ويندي، خط عمران خان خلاف سازش هو، اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته مداخلت سازش کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، اڄ حڪومت پنهنجي موقف کان هٽي جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهي آهي