تڪراري ٽوئيٽ: اعظم سواتي جي ضمانت درخواست تي وڪيل جا دليل مڪمل، فيصلو نه ٿي سگهيو

0
120

اسلام آباد: تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ سينيٽر اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي اڄ به فيصلو نه ٿي سگهيو، اسپيشل جج سينٽرل اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا، بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته اعظم سواتي مٿان ڪيس ايف آءِ اي داخل ڪيو، فريادي متاثر ڌر ناهي، اعظم سواتي خلاف ڪنهن جي توهين جو معاملو ٺهي ئي نه ٿو

هن چيو ته وڌ کان وڌ توهين تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ايندي آهي، ان ڪيس ۾ 75 ورهين جي شهري کي ٻن صوبن ۾ گهمايو ويو. اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي وڪيل بابر اعواڻ جا دليل مڪمل ٿيا ته عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي کي سڀاڻي دليل ڏيڻ لاءِ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here