سائفر معاملي تي آڊيو ليڪ جو ٻيو پارٽ به سامهون، عمران خان، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ اعظم خان جي آڊيو منظر عام تي اچي وئي

0
134

سائفر معاملي تي آڊيو ليڪ جو ٻيو پارٽ به سامهون اچي ويو، عمران خان، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ اعظم خان جي آڊيو منظر عام تي اچي وئي، عمران خان، شاهه محمود قريشي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئون رڳو هن تي کيڏي رهيو آهيان، شاهه صاحب اسان کي سڀاڻي ميٽنگ ڪرڻي آهي، اوهان، اعظم خان، آئون ۽ پرڏيهي سيڪريٽري هوندا، اسان کي چوڻو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري کي چپ ڪري منٽس لکڻا آهن، اعظم خان چوي ٿو ته اُن جا منٽس لکون ٿا، اسان کي آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو، ڪنهن جي واتان نالو نه نڪرڻ گھرجي، هي اوهان سڀني لاءِ تمام ضروري آهي. آڊيو ليڪ ۾ اسد عمر کي چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته اوهان ليٽر چئي رهيا آهيو هي ليٽر نه ميٽنگ جو ٽرانسڪرپٽ آهي، عمران خان چوي ٿو ته هي ميٽنگ جو اهوئي ٽرانسڪرپٽ آهي، ليٽر يا ٽرانسڪرپٽ هڪ ئي شئي هوندي آهي، گفتگو ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته اعظم خان چوي ٿو ته سائفر 8 تاريخ تي آيو آهي، جواب ۾ عمران خان چوي ٿو ته پر ميٽنگ ست تاريخ تي ٿي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here