لکين ٻوڏ متاثرن کي ٿڌ ۾ گرم ڪپڙن جي ضرورت آهي،ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن:وزير اعظم

0
117

لکين ٻوڏ متاثرن کي ٿڌ ۾ گرم ڪپڙن جي ضرورت آهي،ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن،“ وزير اعظم شهباز شريف مصر جي شهر شيخ الشرم ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سهڪار ڪرڻ تي هُو ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين ادارن جا ٿورائتا آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڄ به پاڻي بيٺل آهي، ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ماڻهن جو روزگار سميت سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو، عالمي برادري جي ذميواري آهي ته پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري، هن ڏکي گهڙي ۾ پاڪستان امداد جو منتظر آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here