توشا خانه فوجداري ڪارروائي: عمران کي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ ملي وئي

0
131

اسلام آباد: عدالت توشا خانه ريفرنس ۾ فوجداري ڪارروائي بابت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشا خانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ جو وڪيل علي بخاري عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته هو طبي بنيادن تي عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪري رهيو آهي، وڪيل علي ظفر لاهور ۾ مصروف آهي، هو عمران خان جي واٽس اپ ذريعي ميڊيڪل رپورٽ گهرائي وٺنداسين. جنهن تي جج ظفر اقبال رمارڪس ڏنا ته عمران خان طرفان ڪو وڪالت نامو ئي ڏيو، ڇا عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ گڏ ڏني آهي؟ عمران خان طرفان ته درخواست به داخل ناهي ڪئي وئي.

ان دوران اليڪشن ڪميشن جي جونيئر وڪيل چيو ته عمران خان طرفان نه ئي وڪيل نامو جمع ڪرايو ويو آهي ۽ نه ئي درخواست تي عمران خان جي صحيح ٿيل آهن، جج ظفر اقبال ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عمران خان طرفان وڪالت نامو اچي ها ته اڄ ئي ڪيس جي تصديق ٿيل ڪاپي فراهم ڪريون ها. وڪيل علي بخاري ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ فيبروري ۾ ڏيڻ جي درخواست ڪئي،

اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سعد حسن عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته عمران خان جي ضمانت تيستائين نٿي ٿي سگهي، جيستائين هو پاڻ نه ٿو اچي، عمران خان اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿئي ته سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. ٻڌڻي جي وقفي کانپوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کي ڪيس جي تصديق ٿيل ڪاپي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪاپيون عمران خان کي فراهم ڪرڻيون آهن، عمران خان جو ٻيو ڪيس به آهي، ان کي به 31 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

عدالت عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ان دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ڇا عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا يا قابل ضمانت؟ جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته عمران خان جي گرفتاري وارنٽن بابت به ڏسي وٺنداسين. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 31 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here