اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر شهزاد وسيم اسحاق ڊار جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي،
اليڪشن ڪميشن سينيٽر وسيم شهزاد جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي اسحاق ڊار خلاف نااهلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن سينيٽر شهزاد وسيم جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي 9 جنوري تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو.