پيپلز پارٽي پنجاب ۾ نوازليگ سان گڏ پاور شيئرنگ جو فارمولو تيار ڪري ورتو

0
133

پيپلز پارٽي پنجاب ۾ نوازليگ سان گڏ پاور شيئرنگ جو فارمولو تيار ڪري ورتو. ذريعن موجب پنجاب ۾ چئن وزارتن ۽ سينيٽ چيئرمين جو عهدو پيپلز پارٽي کي، گورنر پنجاب جو عهدو مسلم ليگ ن کي ڏنو ويندو. پيپلز پارٽي جو وفد اڄ حمزه شهباز سان ملاقات ڪري پنهنجون تجويزون پيش ڪندو، ذريعن موجب پيپلز پارٽي کي پنجاب ڪابينا ۾ چار وزارتون ملنديون.حسن مرتضيٰ، علي حيدر گيلاني، ممتاز چانگ ۽ مخدوم عثمان محمود جا نالا فائنل ڪيا ويا، چيئرمين سينيٽ لاءِ يوسف رضا گيلاني جو نالو فائنل ڪيو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here