عمران خان پاڻ پارليامينٽ مان ڀڄي رهيو آهي: شيري رحمان

0
115

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان پاڻ پارليامينٽ مان ڀڄي رهيو آهي، اميد آهي ته عدالت جمهوريت کي تباهه ٿيڻ کان بچائيندي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ انصاف فراهم ڪندي.هن چيو ته اليڪشن کان نه پيا ڀڄون، چونڊ وارو مطالبو اڳ به هو، هاڻ به آهي.سندس چوڻ هو ته ملڪي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، عوام جون هاڻي اميدون عدالت ڏانهن آهن.شيري رحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئين ٽوڙيندڙن کي آرٽيڪل 6 تحت سزا ملڻ ضروري آهي، اپوزيشن جا ڪا به سياسي پارٽي چونڊن کان فرار نه ٿي رهي آهي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو واضح بيان آهي ته 3 مهينن دوران عام اليڪشن منعقد ڪرائڻ ممڪن نه آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here