نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان،ڏاهاڻي به شامل

0
77

نيوزيلينڊ خلاف هلندڙمهيني ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ 16 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي

نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ٽيم جي عارضي چيف سليڪٽر شاهد آفريدي  ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو

علائقائي ڪرڪيٽ ۾ زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ سينٽرل پنجاب جي بيٽر طيب طاهر ۽ اسپنر اُسامه مير کي پهريون ڀيرو قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيوويو آهي، جڏهن ته فٽنس مسئلن سبب ڊگهي عرصي کان ٽيم مان ٻاهر حارث سهيل ۽ شان مسعود جي به ون ڊي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي

نيوزيلينڊ خلاف اعلانيل ون ڊي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان، فخر زمان، حارث رئوف، حارث سهيل، امام الحق، ڪامران غلام، محمد حسنين، محمد نواز، محمد رضوان، وسيم جونيئر، نسيم شاهه، سلمان آغا، شاهنواز ڏاهاڻي، شان مسعود، طيب طاهر ۽ اُسامه مير شامل آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here