حب ۾ مھانگائي خلاف شڪايت کڻي ويندڙ ڄام گروپ ۽  نيشنل پارٽي اڳواڻن کي ڊي سي چماٽون وهائي ڪڍيون

0
127

حب رپورٽر عبدالغفار کوسو

حب ۾ مھانگائي خلاف شڪايت کڻي ويندڙ ڄام گروپ ۽  نيشنل پارٽي اڳواڻن مٿان ڊي سي حب  ڪاوڙجي مڇرجي پيو ڪارڪنن تي تشدد جو نشانو بڻايو

حب ۾ ھٿرادو مھانگائي اٽي سميت کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي جي شڪايت کڻي ويندڙ  ڄام گروپ ۽ نيشنل پارٽي جي ڪائونسلرن ۽ ڪارڪنن سان ڊي سي حب ھٿين پئجي ويو

ڊي سي جي اھڙي عمل خلاف  ڄام گروپ ۽ نيشنل پارٽي ڪارڪن نوابزادا زين خان مگسي جي  اڳواڻي ۾  مين آر سي ڊي روڊ بلاڪ ڪري ڊي سي خلاف سخت نعري بازي ڪئي

 اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حب ۾ مھنگائي خلاف شڪايت کڻي ويندڙ کي   ڊي سي آفيس جي عملدارن ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪرائڻ بعد ڊي سي جو اچڻ شرط پنھنجي ڪوتاھي لڪاڻي خاطر  ڄام گروپ جي سينئر رھنما ارشاد پارس مگسي مٿان تشدد ڪري آفيس مان ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو آهي

هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري ڊي سي جي اڻ ڍنگي روئي ۽ تشدد خلاف نوٽيس ورتو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here