چئن سالن جي ناڪامي بعد پٺاڻ فلم عمران خان کي خوش ڪري ڇڏيو

0
82

ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پٺاڻ فلم سندس چئن سالن جون ناڪاميون وساري ڇڏيون آهن، آخري فلم فلاپ ٿيڻ تي ماڻهن چيو هو ته سندس فلمون نه هلنديون.
شاھه رخ خان جو چوڻ ھو ته اهڙي قسم جي ڳالهين تي ھن متبادل ڪم ڪرڻ جو سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، کاڌو پچائڻ سکيو ته جيئن ھو ريسٽورنٽ کولي ۽ پنهنجي هٿن سان ماڻهن کي کاڌو ٺاهي کارائي.
واضح رهي ته 2018 ۾ رليز ٿيندڙ شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“ باڪس آفيس تي ناڪام ٿي هئي، جنهن جي چئن سالن کانپوءِ رليز ٿيندڙ فلم ”پٺاڻ“ رڪارڊ بزنس ڪيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here