سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران دعا زهرا کي 30 مئي تائين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

0
133

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران دعا زهرا کي 30 مئي تائين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم، آءِ جي سنڌ ڪامران فضل، ايس ايس پي اي وي سي سي زبير نذير شيخ ۽ دعا زهره جا والدين عدالت ۾ پيش، ٻڌڻي دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پڇاڻو ڪيو ته دعا زهرا ڪٿي آهي؟ ايس ايس پي اي وي سي سي ٻڌايو ته دعا زهريٰ جي آخري لوڪيشن مظفر آباد جي ملي آهي، مظفرآباد بعد سندن فون بند ٿي ويا، جسٽس فيصل آغا چيو ته ڇا اوهان رڳو موبائيل فون لوڪيشن تي جاچ ڪري رهيا آهيو؟موبائيل فون ته ڪير به استعمال ڪري سگهي ٿو، ايس ايس پي زبير نذير چيو مظفر آباد ۾ دعا زهرا، نينگر ۽ سندس والده جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي، دعا زهرا پنجاب جي عدالت ۾164 جو بيان ڏئي چڪي آهي، عدالت دعا زهرا جي عمر بابت به درخواست اڪلائي چڪي آهي، عدالت دعا زهرا کي 30 مئي تائين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here