هم جنس پرستي تي ٻڌل پاڪستاني فلم جو ٽيزر جاري، رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

0
82

پاڪستان ۾ تازو فلم انڊسٽري ترقي ڪندي پئي وڃي ۽ ڪيتريون ئي تڪراري فلمون ريليز ٿيون آهن جن تي ڇتي تنقيد پڻ ڪئي وئي پرڪاميابي جا رڪارڊ به ٽوڙيا ۽ ڪيترائي ايوارڊ پڻ ماڻيا

رپورٽ موجب تازو هم جنس پرستيءَ جي موضوع تي شارٽ فلم ٺاهي وئي آهي جنهن جو نالو ”ڀيتر-اي لَو اسٽوري“

آهي، هيءَ پاڪستاني فلم ايل جي بي ٽي ڪيو جي تڪراري موضوع تي ٺاهي وئي آهي

هن فلم ۾ ٻن عورتن ۾ محبت جي ڪهاڻي کي ڏيکاريو ويو آهي، فلم جي مختصر ٽيزر ۾ فلم جون ڪجهه جهلڪيون ڏيکاريون ويون آهن

فلم جي ٽيزر ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عورت ٻي عورت جي مٿي تي سندور هڻي رهي آهي، اها پاڪستاني فلم

مظهر معين ڊائريڪٽ ڪئي آهي جڏهن ته ماهر ڪمال ان ڪهاڻي کي لکيو آهي

فلم ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪارن ۾ مشهور پاڪستاني اداڪارا جويريا عباسي، منال صديقي، زوهيب بخش ۽ عثمان چوڌري شامل آهن

اها بولڊ ۽ تڪراري فلم هم جنس پرستي جهڙي تڪراري موضوع تي ٺاهي وئي آهي جنهن جو ٽيزر ريليز ٿيندي ئي وائرل ٿي ويو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here