افغانستان تي حملي جي اجازت نه ڏينداسين: طالبان جو رانا ثناءُ جي بيان تي ردعمل

0
93

ڪابل: افغانستان ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ بابت گهرو وزير رانا ثناءُ الله جي بيان تي افغان حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي.

ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته افغانستان تي حملي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، افغانستان پاڪستان سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، پاڪستاني اختيارين کي ڳالهين دوران محتاط رهڻ گهرجي. امارت اسلامي جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ کي حق ناهي ته هو ٻئي ملڪ جي سرزمين تي حملو ڪري، دنيا جو ڪوبه قانون اهڙي جارحيت جي اجازت نٿو ڏئي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو مسئلو آهي ته اسلامي امارت سان ڳالهه ٻولهه ڪري، اسان جي سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري سگهي ٿي.

ٻئي طرف افغان جي دفاع واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني اختيارين جو بيان بي بنياد ۽ چڙ ڏياريندڙ آهي، ڪنهن به مسئلي يا تڪرار جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ گهرجي. واضح رهي ته رانا ثناءُ الله هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته جيڪڏهن افغانستان ٽي ٽي پي جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته پاڪستان افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here