وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس، اهم فيصلن جو امڪان

0
82

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس جاري آهي

قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير بلاول ڀٽو، خواجا آصف، اسحاق ڊار، رانا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، آرمي چيف ۽ انٽيليجنس ادارن جا سربراهه به شريڪ آهن، جڏهن ته ڊي جي آءِ بي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪي معيشت ۽ امن امان جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ معاشي صورتحال، حڪومتي حڪمت عملي ۽ چيلينجز تي قدمن تي به مشاورت ڪئي ويندي، جڏهن ته امن امان جي مجموعي صويرتحال ۽ دهشتگردي جي تازي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ به مشاورت ڪئي ويندي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ڏنل تجويزن جي روشني ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here