تحريڪ انصاف جو ايم اين اي سردار جعفر خان لغاري لاڏاڻو ڪري ويو

0
80

لاهور: سينيئر سياستدان تحريڪ انصاف جو ايم اين اي سردار جعفر خان لغاري دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ذريعن موجب سردار جعفر خان لغاري صبح 8 وڳي فوت ٿي ويو. هو ڪافي عرصي کان ڪينسر جي مرض ۾ به مبتلا هو.

سردار جعفر خان لغاري ڄام پور جي تڪ اين اي 193 مان چونڊيل ايم اين اي هو. 2018ع جي اليڪشن ۾ هن نواز ليگ ڇڏي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. سندس جنازي نماز 24 گلبرگ لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here