اتر ڪوريا پاران 3 بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو: ڏکڻ ڪوريا جو سخت ردعمل

0
62

اتر ڪوريا جاپان جي ساحلي حدن ۾ گهٽ فاصلي تائين مار ڪندڙ 3 بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو ڪيو آهي.

ڏکڻ ڪوريا جي فوجي ترجمان موجب اتر ڪوريا جي راڄڌاني پيانگ يانگ جي ڏکڻ کان اوڀر سمنڊ طرف ڇنڇر جي صبح 8 وڳي 3 ميزائل فائر ڪيا ويا.

فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا جي مسلسل ميزائل تجربن کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا پنهنجي سرحدي علائقن جي نگراني وڌائي ڇڏي آهي ۽ آمريڪا سان مشقون جاري رهنديون.

ان حوالي سان ڏکڻ ڪوريا جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا جو ميزائل تجربو سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي واضح ڀڃڪڙي آهي، اتر ڪوريا جو بيلسٽڪ ميزائل تجربو سنگين چڙ ڏياريندڙ آهي. ٻئي طرف جاپان جي دفاع واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اتر ڪوريا جو شڪي بيلسٽڪ ميزائل اوڀر ساحل طرف پاڻي ۾ ڪريا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here