سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي سروي جاري آهي، ريسڪيو پهرين اوليت آهي، سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب 583 ماڻهو فوت ۽ 11 هزار 556 زخمي ٿيا، 16 لک 81 هزار 380 گهرن کي نقصان ۽ 44 لک 26 هزار 431 ايڪڙ فصل تباهه ٿيو،“ اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هڪ لک 40 هزار 610 ٽينٽ ۽ 9 لک 23 هزار 255 مڇر داڻيون ورهايون ويون آهن
سنڌ جي 2031 رليف ڪيمپن ۾ 5 لک 91 هزار 950 متاثر منتقل ٿي چڪا آهن،حيدرآباد ۾ 296، بينظير آباد ۾ 577 ۽ ميرپورخاص ۾ 68 ڪيمپون قائم آهن،سکر ۾ 568، لاڙڪاڻي ۾ 481 ۽ ڪراچي ۾ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون آهن، متاثرن کي کاڌو، پاڻي، دوائون ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن