ٿر جي ڪوئلي مان 330 ميگاواٽ بجلي ٺهندي، منصوبي جو افتتاح ٿي ويو

0
83

عمرڪوٽ: ٿرپارڪر ۾ مقامي ڪوئلي مان 330 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي مهيش ملاڻي ٿرپارڪر ۾ 330 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مقامي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ سان درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽجي ويندو، منصوبي جي افتتاح سان ٿرڪول مان بجلي جي پيداوار 3 هزار ميگا واٽ تائين وڌي وئي آهي

. مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان پاڪستان ۾ توانائي جو انقلاب اچي رهيو آهي، ٿر جي ذخيرن مان 200 سالن تائين هڪ لک ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪورونا سبب منصوبي ۾ دير ٿي، ٿرڪول سان حڪومت کي ٻارڻ جي درآمد تي 6 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here