ڀارتي مسافر جهاز ۾ وڙهي پيا، هڪٻئي تي مُڪن جو وسڪارو، وڊيو وائرل

0
67

بينڪاڪ ايئرپورٽ تي اڏام ۾ ٻن ڀارتي مسافرن ۾ جهيڙو ٿي پيو. واقعو بينڪاڪ ايئرپورٽ کان ڪلڪتي ويندڙ پرڏيهي اڏام ۾ پيش آيو، جنهن ۾ ٻن ڀارتي مسافرن ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ٻئي تي مڪن جو وسڪارو ڪري ڏنو. ايوي ايشن ذريعن موجب اهو واقعو 28 ڊسمبر تي پيش آيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اڏام جي ميزبانن پاران روڪڻ باوجود مسافرن هٿين پئجي رهيا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here