ڪراچي پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي والده جو بيان سامهون اچي ويو

0
135

ڪراچي ۾ پوليس فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل عامر حسين جي والده چيو ته پٽ پنهنجي والد لاءِ پاڻي ۽ فروٽ وٺڻ ويو هو

مارجي ويل نوجوان جي والده چيو ته سندس پٽ الله دين پارڪ جي سامهون فليٽ طرف وڃي رهيو هو ته ٽي پوليس اهلڪارن پٽ کي گاڏي روڪڻ جي هدايت ڪئي ته هن گاڏي نه روڪي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن فليٽ ۾ داخل ٿي نوجوان تي فائرنگ ڪئي  

سندس چوڻ هو ته اسان بشير وليج ۾ رهندا آهيون، چيف جسٽس کي گذارش آهي ته  نوٽيس وٺي،  عامر جي ڏيڍ سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ سندس 3 مهينن جو پٽ آهي

واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪار شهريار، فيصل ۽ ناصر کي پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن شروعاتي بيان ۾ چيو ته مقتول وٽ هٿيار هئا، جڏهن ته جاچ دوران ثابت ٿيو ته جوابدارن ڪوڙ ڳالهايو

مقتول جي گهر واري چيو ته موقعي تي مقتول جي موٽرسائيڪل تي هڪ شخص ۽ 3 سالن جي ٻارڙي ٻه ويٺي هئي  تنهن باوجود  پوليس اهلڪارن اهو قدم کنيو 

وڏي وزير سيد مراد علي شاه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپوٽ طلب ڪري ورتي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here