پي ٽي آءِ جي سياست ڊي چوڪ تان شروع ٿي، اُتي ئي ختم ٿيندي،سينيٽر شيري رحمان

0
94

سينيٽر شيري رحمان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت سرعام جهيڙي جو اعلان ڪري رهي آهي، جيڪڏهن حالتون خراب ٿيون ته ذميوار حڪومت هوندي.سندس چوڻ هو ته حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار آهي، جيڪڏهن حڪومت وٽ نمبر پورا آهن ته بي اعتمادي رٿ کي پارليامينٽ ۾ چئلينج ڪري، بي اعتمادي رِٿَ واري ڏينهن جلسو ڪرڻ غير آئيني آهي.هن چيو ته وزيراعظم جي گهر وڃڻ جو فيصلو ڊي چوڪ تي نه پر پارليامينٽ ۾ ٿيندو ، هو پراميد هجن ها ته آئيني معاملي کي ڊي چوڪ تي نه کڻي وڃن ها.شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست ڊي چوڪ تان شروع ٿي، اُتي ئي ختم ٿيندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here