ٽي ٽي پي پاڪستان لاءِ ريڊ لائين آهي:بلاول ڀٽو زرداري

0
84

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي پاڪستان لاءِ ريڊ لائين آهي، جيڪڏهن ثابت ٿيو ته افغان طالبان ٽي ٽي پي کي نه پيا روڪين ته ان کي نظرانداز نه ڪيو ويندو

واشگنٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته افغان طالبان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي کي نه روڪيو ته اسان جا لاڳاپا ٺيڪ نه رهندا، جيڪڏهن افغان طالبان کي شدت پسندن خلاف آپريشن ۾ مدد جي ضرورت هجي ته فراهم ڪنداسين

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪا سان سهڪار تي ڪو نئون معاهدو ناهي ٿيو، افغانستان جي فنڊز واريون ڳالهيون طالبان لاءِ نه پر افغان عوام لاءِ ڪندا آهيون، طالبان آمريڪا ۽ دنيا سان  به شدت پسندن گروپن خلاف ڪارروائي جا واعدو ڪيا

هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا سان سفارتخاني جي ملڪيتي عمارت وڪرو ٿيڻ ضروري آهي، عمارت زبون حال آهي، ان تي ٽئڪس ۽ ٻيا خرچ تمام گهڻا لڳي سگهن ٿا پر نيويارڪ ۾ هوٽل کپائڻ جي حق ۾ نه آهيون

پاڪستان ۾ چونڊن بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ه چونڊون وقت تي ئي ٿينديون، عمران خان انڪري وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو ته جئين ڌانڌلي ۾ مدد ملي سگهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here