حڪومت عوام جي ڊپ کان چونڊن کان ڀڄي رهي آهي: اسد عمر

0
84
FILE PHOTO: Pakistan's Finance Minister Asad Umar gestures during a news conference in Islamabad, Pakistan, November 30, 2018. REUTERS/Faisal Mahmood/File Photo

پي ٽي آءِ  جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته موجوده حڪومت عوم جي ڊپ کان چونڊن کان ڀڄي رهي آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته موجودا حڪمران جهموريت جا بنيادي اصول پائمال ڪري رهيا آهن، صورتحال اِها آهي جو سرعام آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي

حڪومت تي تنقيد ڪندي سندس چوڻ حڪمران عمران خان ۽ عوام کان ڊنل آهن ۽ اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن، سمورا حڪومتي حربا ناڪام ٿي چڪا آهن

تحريڪ انصاف اڳواڻ  چيو ته موجودا حڪومت وفاق ۾ مڪاني چونڊن ۾ تڪبنديون وڌائي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ ڪيئي بدنيتي تي ٻڌل قدم کنيا پيا وڃن

اسد عمر چيو ته حڪمران پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ آخري حربو استعمال ڪري رهيا آهن جنهن ۾ کين ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو، پهريان هو حڪومت ڪراچي ۽ پشاور ۾ چونڊن کان ڀڳا ۽ هاڻي هو اسلام آباد ۾ اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن

هن جو چوڻ هو ته خيرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي ۽ هن رجيم چئينج آپريشن ملڪ کي گذريل اٺن مهينن کان تمام گهڻو نقصان رسايو آهي

هن چيو ته مونکي لڳي ٿو ته پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ کان بچائڻ ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ وارو معاملو عدالت ۾ ويندو نظر اچي رهيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here