ايم ڪيو ايم پاڪستان ميئرشپ لاءِ عورت اميدوار آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

0
151

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان ميئر شپ لاءِ عورت اميدوار آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ عورتن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم کي تباهه ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، اهي پنهنجو حوصلو وڃائي ڪري رهيا آهن، اوهان جي سڃاڻپ ۽ نشان کي ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي.

خالد مقبول صديقي چيو ته مهاجرن کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي، ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ ڏسن ته ان جي تجديد ٿي رهي آهي.

خواجه اظهار الحسن ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي ميئر شپ لاءِ عورت اميدوار آڻڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته نشترپارڪ ۾ ايتريون عورتون ڏسي لڳي ٿو ته ايندڙ ميئر به عورت هوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here