وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ پارٽي پوزيشن، اتحادين سان رابطن ۽ ايندڙ جي حڪمت جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا.وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ تياريون مڪمل آهي، ڊي چوڪ تي وڏو جلسو ڪيو ويندو، عوام اسان سان گڏ آهي پريشاني جي ڪا به ڳالهه نه آهي