اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ بعد پرويز الاهي آئيني طور وزيراعليٰ ناهي رهيو: رانا ثناءُ الله

0
121

لاهور: وفاقي گهر وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته گورنر پنجاب وزيراعليٰ پنجاب کي اعتماد جي ووٽ جو چئي آئيني اختيار استعمال ڪيو آهي، اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ بعد پرويز الاهي آئيني طور وزيراعليٰ نه رهيو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته گورنر پاران وزيراعليٰ کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ صرف رسمي ڪارروائي آهي، جيئن ئي گورنر نوٽيفڪيشن جاري ڪندو ان تي عملدرآمد ٿيندو، گورنر آئين طرفان مليل اختيار استعمال ڪري رهيو آهي، گورنر کي آئيني اختيار آهي ته وزيراعليٰ کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري، منهنجي خيال موجب گورنر اڄ وزيراعليٰ کي ڊي نوٽيفاءِ ڪندو،

هڪ سوال تي هن چيو ته ڪوبه سياسي بحران ناهي، جيڪڏهن گورنر هائوس ٻاهران هنگامو ڪيو ويو ته مڪمل بندوبست ڪيو آهي. گهر وزير چيو ته حمزه شهباز پنجاب ۾ پارلياماني ليڊر آهي، منهنجي خيال ۾ وزيراعليٰ جو اميدوار به اهو ئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here