اعتراض جوڳو لباس،بي شرم گاني تي تڪرار، شاهه رخ کي ساڙڻ جي ڌمڪي

0
126

بالي ووڊ جي اداڪار  شاهه رخ خان جي نئين فلم ”پٺاڻ“ ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي گيت ”بي شرم رنگ“ سبب تڪرار جو شڪار ٿي ويو آهي، بائيڪاٽ جي ٽرينڊز ۽ انتهاپسند طرفان شديد احتجاج کانپوءِ شاهه رخ خان کي زنده ساڙڻ جون ڌمڪيون ملڻ به شروع ٿي ويون

دپيڪا موجب اعتراض جوڳو لباس پهرڻ تي ڀارتي  جنتا پارٽي (بي جي پي) هنگامو ڪيو آهي، سندن دعويٰ آهي ته گيت ۾ جنهن رنگ جا ڪپڙا پهريا ويا آهن، يا گيت جا سر سميت فلم جو ٽائيٽل سڀ غير مناسب آهي

فلم جي بائيڪاٽ جي ٽرينڊز ۽ پابندي جي مطالبي کانپوءِ شاهه رخ خان کي هندو پنڊت پرمهنس آچاريا پاران جيئرو ساڙڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آهن، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پرمهنس آچاريا کي چوندي ڏسي سگهجي ٿو ته بي شرم رنگ گيت ۾ جنهن رنگ جا ڪپڙا آهن اها توهين ڪئي وئي آهي، سندن ڌرم جا ماڻهو مسلسل احتجاج تي آهن، اڄ هنن شاهه رخ خان جو پوسٽر ساڙيو آهي

هن چيو ته هو ڳولي رهيو آهي جيئن کيس فلم جو جهادي شاهه رخ خان ڪٿي ملي ويو ته کيس زنده  ساڙي ڇڏيندو

هن چيو ته جيئن ڪنهن ٻئي به شاهه رخ خان کي ساڙي ماريو  ته ان جو ڪيس هو وڙهندو

پرمهنس آچاريا ماڻهن کي اپيل ڪندي چيو ته فلم ”پٺاڻ“ جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ جيئن فلم کي ٿيٽرز ۾ ريليز ڪيو ويو ته ٿيٽرز به ساڙيا ويندا

ان کانسواءِ پوليس کي لکت ۾ شڪايت ملي آهي ته فلم پٺاڻ جي گيت ”بي شرم رنگ“ ۾ دپيڪا پڊوڪون جي غيرمنساب ڪپڙا پائڻ تي ايف آءِ آر ڪاٽي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here