جنرل باجوه عمران کي سهارو ڏنو پر هن احسان ڪندڙ کي به گاريون ڏنيون: خواجا آصف

0
118

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جنرل باجوه عمران کي سهارو ڏنو پر هن احسان ڪندڙ کي به گاريون ڏنيون، عمران خان حڪومت نه هلائي سگهيو ته ان ۾ جنرل باجوه جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟

اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته عمران خان 4 سالن دوران جيڪا تباهي ڪئي اسان ان کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ جو آخري ڪارڊ عمران خان کيڏيو، هاڻ سندن پيرن هيٺيان زمين کسڪي رهي آهي. عمران خان اليڪشن ڪميشن کي گاريون ڏئي ٿو، ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته اهڙا ماڻهو به وڏن عهدن تي پهچي ويا، جن جي ڪا حيثيت نه هئي.

دفاع واري وزري چيو ته جنهن عمران خان کي سهارو ڏنو هي ان محسن کي به گاريون ڏيندو آهي، جيڪڏهن اوهان حڪومت نه هلائي سگهيا ته ان ۾ جنرل باجوه جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ جنرل باجوه اوهان کي هر قدم تي سهارو ڏنو، جيڪو اوهان تي احسان ڪري ۽ اوهان ان کي گاريون ڏيون، ان کان وڌيڪ واحيات ڳالهه ٻئي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي

. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته عدالتون جيڪڏهن سندن مرضي موجب ڪم ته هنن کي پسند آهي، اسٽيبلشمينٽ غير مشروط ساٿ ڏئي ته ڏينهن رات ان جي تعريف ڪندا آهن، جيڪڏهن ادارا آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪن ته انهن کي گاريون ڏين ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here