سال 2023 هلندڙ هلندڙ سال جي مقابلي ۾ گرم رهڻ جو امڪان

0
78

ڪراچي: 2022 دنيا جي تاريخ ۾ گرم ترين سالن مان هڪ ٿيڻ وارو آهي، پر 2023 سال به گرمي ۾ گهڻو پوئتي نه هوندو. دراصل 2023ع دوران عالمي گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي مقابلي ۾ 1.2 درجا سينٽي گريڊ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.

اهو ڊيڄاريندڙ امڪان برطانوي سائنسدانن ظاهر ڪيو آهي، 19 هين صدي جي وچ کان موسمياتي رڪارڊ جوڙيو پيو وڃي، جنهن مطابق 2016ع تاريخ  جو گرم ترين سال آهي، جنهن جو سبب گلوبل وارمنگ آهي،

جيڪڏهن برطانوي سائنسدانن جي 2023 بابت اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي ته اهو لڳاتار 10 هون سال هوندو جنهن ۾ گرمي پد اڳئين صنعتي سطح کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ هوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here