پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ميمبرن پاران استعيفائن جي تصديق لاءِ خميس تي اسپيڪر آڏو پيش ٿيڻ جو فيصلو

0
92

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي 123 ميمبرن قومي اسيمبلي مان استعيفا واري معاملي تي خميس ڏينهن اسپيڪر آڏو پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبر اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان استعيفائن جي تصديق ڪرائيندا. پي ٽي آءِ جا ميمبر 22 ڊسمبر تي ڪي پي هائوس اسلام آباد ۾ گڏ ٿيندا، ميمبر شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ پهچندا ۽ شاهه محمود قريشي ميمبرن سان گڏ اسپيڪر آڏو پيش ٿيندو.

واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان استعيفا جي تصديق لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو. اڳوڻي وزيراعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون به ٽوڙڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here