ميئر ڪراچي لاءِ اميدوار ڪير هوندو؟ پي ٽي آءِ نالو فائنل ڪري ورتو

0
150

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ميئر ڪراچي لاءِ پارٽي اميدوار جو نالو فائنل ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب عمران خان ميئر ڪراچي جي اميدوار لاءِ خرم شير زمان جو نالو فائنل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ خرم شير زمان جي نالي جو اعلان ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن 3 ڊسمبر تي عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي، اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي سمورن ميمبرن پنهنجون استعيفائون عمران خان کي جمع ڪرايون هيون، خرم شير زمان جي نامزدگي جو فيصلو به انهي ڏينهن ملاقات ۾ ٿيو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته علي زيدي سنڌ جا سمورا اليڪشن سيل ۽ معاملا سنڀاليندو، جڏهن ته بلال غفار ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جا معاملا ڏسندو ۽ سنڌ ۾ جنرل اليڪشن سيل جو سربراهه فردوس شميم نقوي هوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here