وزير اعظم شهباز شريف وفد سان گڏ لنڊن پهچي ويو، مسلم ليگ ن جا ڪيترائي اهم اڳواڻ به وزير اعظم سان گڏ لنڊن پهتا، ذريعن موجب، وزير اعظم شهباز شريف، وفاقي وزير احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خواجا سعد رفيق، خواجا آصف ۽ خرم دستگير به لنڊن پهچي ويا، نواز شريف کي پارٽي اڳواڻن سان ڪيترن ئي معاملن تي صلاح مشورا ڪرڻا آهن ۽ ن ليگ ڪو وڏو فيصلو ڪندي، ملاقات ۾ ايندڙ چونڊ، پنجاب ڪابينه ۽ پاور شيئرنگ بابت اهم فيصلن جا امڪان آهن، پيٽرول جي قيمتن بابت حڪمت عملي لاءِ نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ۾ صلاح مشورا ٿيندا