اسيمبليز ٽوڙڻ بابت ڪوبه جذباتي فيصلو نه ڪيو ويندو: پي ٽي آءِ اڳواڻ

0
81

ڪراچي: تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جا اسيمبليز ٽوڙڻ بابت مختلف بيان سامهون آيا آھن، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن موجب اسيمبليز ٽوڙڻ واري معاملي تي ڪوبه جذباتي فيصلو نه ڪيو ويندو، هر فيصلو مناسب وقت تي ٿيندو.

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسيمبليز ٽوڙڻ جي حوالي سان پارٽي ڪو جذباتي فيصلو نه ڪندي، مناسب وقت تي فيصلو ٿيندو، شفقت محمود چيو ته اسيمبليز ٽوڙڻ واري فيصلي تي پارلياماني ڪاميٽي سان مشاورت هلندڙ آهي، جيڪو فيصلو پارٽي ڪندي ان تي ئي عمل ٿيندو. حماد اظهر چيو ته ڪور ڪاميٽي اسيمبليز ٽوڙڻ وارا سمورا اختيار عمران خان کي ڏئي ڇڏيا آهن، امپورٽڊ حڪومت ملڪ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، شاهه محمود قريشي چيو ته پارٽي جي مرڪزي قيادت عمران خان جي فيصلي جي توثيق ڪئي آهي، پنجاب جو وڏو وزير اسيمبلي ٽوڙڻ تي راضي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here