سي ٽي ڊي اهلڪار اغوا ۾ ملوث نڪتا

0
90

ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ بدران ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پوليس اهلڪار اغوا جي وارداتن ۾ ملوث ٿيڻ لڳا آهن.ڪراچي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ سي ٽي ڊي آفيسر، هڪ ڪانسٽيبل ۽ هڪ جوابدار کي ڪراچي مان واپاري کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

اختيارين موجب انسپيڪٽر جاويد آڪاش نالي واپاري کي اغوا ڪري 50 لک ڀنگ طلب ڪيو. جوابدارن وٽان 5 لک رپيا ڀنگ به هٿ ڪيو ويو

سي ٽي ڊي پوليس انسپيڪٽر جاويد جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي، جاچ اختيارين موجب جوابدار مغوي کي گاڏي ۾ ويهاري گارڊن ۾ گهمي رهيا هئا

گرفتار ٿيل انسپيڪٽر پوليس کي پنهنجي شروعاتي بيان ۾ چيو ته آڪاش نالي هڪ واپاري کي ڪوئيٽا ۽ افغانستان ۾ سندس رابطن جي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here