سنڌ ۾ ڪو نوگو ايريا ناهي،سال اندر 29 ڌاڙيل ماريا آهن: مراد علي شاهه

0
99

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ هن وقت ڪو نوگو ايريا ناهي، اهو نٿو چوان ته حالتون اطمينان جوڳيون آهن پر امن امان لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي
سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه ڪشمور ۽ شڪارپور جي ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جي مارجڻ ۽ گرفتاري جا تفصيل به ٻڌايا
هن چيو ته شڪارپور ۾ هلندڙ سال دوران 29 ڌاڙيل ماريا ويا، جن ۾ ٻه اشتهاري به شامل آهن، ان عرصي دوران 585 ڌاڙيل گرفتار، جڏهن ته 63 مغوين کي آزاد ڪرايو ويو
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ سان ڪو آئيني بحران پيدا نه ٿيندو، جيڪڏهن خان صاحب اسيمبليون ٽوڙڻ چاهي ٿو ته ٽوڙي، چونڊون وقت تي ٿينديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here