ڌي کي قتل ڪري 3 سال پلاسٽڪ جي دٻي ۾ لڪائيندڙ جوابدار گرفتار

0
151

ڏکڻ ڪوريا جي هڪ شخص کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، جنهن پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪري 3 سالن تائين پلاسٽڪ جي ڪنٽينر ۾ رکيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي صوبي گيون گي جي شهر پوچيون ۾ هڪ جوڙي پنهنجي 15 مهينن جي ڌيءَ کي لڳ ڀڳ 3 سالن تائين پلاسٽڪ جي ڪنٽينر ۾ رکيو. ڏکڻ ڪوريا جي ميڊيا موجب واقعو ان وقت سامهون آيو جڏهن 15 مهينن جي ٻارڙي کي نه ته اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ نه ئي طبي معائني لاءِ اسپتال آندو ويو، پوليس ڪيترائي ڀيرا ڇوڪري جي ماءُ سان رابطو ڪيو پر ان جي باوجود ٻار کي ظاهر نه ڪيو ويو، کيس نه ڏيکارڻ تي چائلڊ ويلفيئر ايڪٽ تحت شڪايت داخل ڪئي وئي ۽ پوءِ معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي.

پوليس کي شڪ هو ته عورت پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي ئي گهر ۾ لڪائي ڇڏيو آهي، جڏهن پوليس سندس گرفتار ڪيل مڙس کي آزاد ڪيو ته ان ڌي جو لاش والدين جي گهر منتقل ڪري ڇڏيو، جتي ٻنهي ٻارڙي جو لاش لڪائڻ لاءِ هڪ پلاسٽڪ جي ڪنٽينر ۾ بند ڪري ڇت تي رکي ڇڏيو،

پوليس موجب، ڇوڪري جي ماءُ شروعاتي طور تي پنهنجي ڌيءَ کي مارڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي گهٽين ۾ ڇڏي وئي هئي پر جڏهن وڌيڪ جاچ ڪئي وئي ته عورت پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته پلاسٽڪ جو باڪس جنهن ۾ جوڙي پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ رکيو هو، اهو 35 سينٽي ڊگهو، 24 سينٽي ميٽر ويڪر ۽ 17 سينٽي ڊگهو هو.پوليس موجب نينگري جي قتل جو ڪيس داخل ڪري جوڙي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here