ملڪ ۾ آئيني ۽ عدالتي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءٌ الله

0
171

پارليامينٽ جي اجلاس دوران خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءٌ الله چيو ته پارليامينٽ کي مڪمل اختيار آهي هو ڪنهن جون به ذميواريون گهٽائي يا وڌائي سگهي ٿي، پارليامينٽ کان مٿي ڪوبه ادارو ناهي

راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته روز حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هڪ پارٽي ۽ اُن جو  ليڊر عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بحراني ڪيفيت هجي، اڄ حڪومت، قوم ۽ ادارن کي 3 نقطن تي رهنمائي جي ضرورت آهي

هن چيو ته آڊيو ليڪس تي گوڙ ته ڪيو ويندو آهي، پر ٻڌايو وڃي ته نيب چيئرمين ۽ طيبه گُل جون وڊيوز ڪنهن ليڪ ڪيون؟ عمران خان کي ڏڦيڙ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم نٿو اچي، هو ڪنهن به وقت قوم کي وڏي مسئلي جي ور چاڙهي سگهي ٿو

وفاقي وزير چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو روڪڻ لاءِ ناپاڪ ڪوششون ڪيون، عمران خان ننهن چوٽي جو زور ڏنو ته ملڪ ڊفالٽ ڪري، نومبر ۾ اهم مقرري کي سبوتاز ۽ اداري کي تڪراري بڻائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪيو ويو رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان هر روز ڊرامو ڪندو آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو، قانون جي حڪمراني جي پرچار ڪندڙ عدالتن ۾ پيش نٿو ٿئي، هو جٿا وٺي عدالتن تي حملي آور ٿي رهيو آهي، عمران خان عدالتي عمل کي روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪيون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here