0
59

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته هڪڙي مقرري سڀني تي ڳري ٿي وئي آهي

ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد لکيو ته ايندڙ 10 ڏينهن قوم ۽ ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪندا، صحيح فيصلو ملڪ کي صحيح رخ ۾ وٺي ويندو ۽ غلط فيصلو ڏڦيڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿو

شيخ رشيد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته تباهه ٿيل معيشت وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي، هر حڪومت شگر ملز مالڪن مافيا جي اثر هيٺ آهي، اڪثر شگر ملون سياستدانن جون آهن جيڪي وزارتن ۾ به هوندا آهن جنهن جي سزا عوام ۽ هاري ڀوڳيندا آهن

تنقيد ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ لکيو ته موجوده حڪومت رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرايا آهن جيڪي وقت اچڻ تي ٻيهر بحال ٿي ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here