پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار جي نالي تي غور، پنجاب ڪابينا لاءِ پي ٽي آءِ قيادت جا صلاح مشورا جاري، محمود الرشيد ۽ زين قريشي جا نالا به تجويز ڪيا ويا، زين قريشي جو نالو ڊپٽي اسپيڪر لاءِ به ڏيڻ جي تجويز، ذريعن موجب عثمان بزدار جي ڪابينا ۾ شامل ماڻهن کي ٻيهر شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، عثمان بزدار جي ڪابينا ۾ شامل وزير پنهنجن پنهنجن کاتن کي ڏسندا، پنجاب جي گهرو وزير لاءِ به مختلف نالن تي غور، شهباز گل کي وڏي وزير جو گهرو معاملن بابت خاص صلاحڪار لڳائڻ تي غور، گهرو وزارت لاءِ راجا ياسر همايون، فياض چوهاڻ ۽ اسلم اقبال جي نالن تي غور، صلاح مشوري کانپوءِ عمران خان کان منظوري ورتي ويندي